چڪچڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

چڪچڪو:


نالا: ع. معده، ف. ترمذڪ، هه. وغيره___ چڪچڪ، سنگانه، فيعه ۽ تردوڪ.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: سرڪو ۽ بصر، عيوض: جهرڪي، وزن: ٽي عدد. سڃاڻپ: هي پکي جهرڪيءَ کان ٿورو ننڍو ٿيندو آهي. خاصيت: هن جو گوشت جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو. صفراوي دستن کي بند ڪري ٿو، ٻرهل، يرقان، جلندر لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو ڏڊ، ڪوڙهه، اک جي خارش لاءِ مفيد آهي، بواسير جي رت جي گهڻائي ۽ موڪن لاءِ هن کي ترن جي تيل ۾ ملائي مرهم ڪري استعمال ڪرائجي ته گهڻو فائديمند آهي..[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو